ابڙو وريل فقير

ابڙو، وريل فقير: وريل فقير ولد حمل خان 1842ع ڌاري ڳوٺ ڏتل ابڙي تعلقي قمبر، اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، سندس وڏا اصل ۾ ڀاڳناڙيءَ جا رھاڪو ھئا. وريل ننڍي ھوندي مال چاريندو ھو ۽ جھنگ جھر ۾ سريلي آواز ۾ ڪافيون ڳائيندو ھو. انھيءَ زماني ۾ ڳوٺ ڏتل ابڙي ۾ ھڪ درويش الله ڏني فقير، جيڪو پاڻ شاعري ڪندو ھو، اچي پنھنجو آستانو اڏيو، وريل فقير الله ڏني فقير جا بيت ۽ ڪافيون ڳائيندو ھو، جڏھن الله ڏني فقير، وريل جي واتان پنھنجا شعر بيحد سريلي آواز ۾ ٻڌا ته بيحد متاثر ٿيو ۽ وريل کي دل سان دعا ۽ داد ڏنائين. وريل فقير به الله ڏني فقير کان متاثر ٿيو ۽ درويش الله ڏني کي پنھنجو مرشد تسليم ڪيائين. ان بعد محفلون منعقد ٿيڻ لڳيون ۽ اوري پري جا ڪيئي فقير، صوفي، سالڪ، راڳي ۽ ڳائڻا وقت بوقت فقير سان ملڻ ۽ وحدت جي واٽ پڇڻ لاءِ پيا ايندا ھئا، ان کان علاوه وقت جا مشھور گويا به وٽس ايندا ھئا. پاڻ جھان گشتي به ڪيائين، اڪثر پيدل سفر ڪندو ھو. قلندر لال شھباز جي درگاھ تي به حاضري ڏيندو رھيو. سندس شاعري بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل آھي. ھن سنڌيءَ کان علاوه سرائڪيءَ ۾ پڻ ڪلام چيو. وريل فقير 7 صفر 1338 ھجري مطابق 1919ع تي وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1842.00.00  عيسوي

ابڙو ، وريل فقير: وريل فقير ولد حمل خان 1842ع ڌاري ڳوٺ ڏتل ابڙي تعلقي قمبر ، اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو ،


1919.00.00  عيسوي

وريل فقير 7 صفر 1338 ھجري مطابق 1919ع تي وفات ڪري ويو .


1338.02.07  هجري

وريل فقير 7 صفر 1338 ھجري مطابق 1919ع تي وفات ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديويڪا راڻي
آغا تاج محمد خان
شيخ حامد گنج بخش
بنده بيراگي
ڄام ڏاتار (بزرگ)
صديقي جهانگير
ڀڳت آتم
اظهر سولنگي
عبدالرحمان پيرزادو ميان
ڇٻلاڻي ايڇ ايل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون